خانزادو سميع الوري

خانزادو سميع الوري

خانزادو سميع الوري

خانزادو سميع الوري: نوشهري فيروز جي نامياري استاد، صحافي ۽ اديب، خانزادي سميع الوريءَ جو پورو نالو سميع داد خان ولد خانزاده محمد اسماعيل خان هو. هن 1935ع ڌاري رياست الور راجپوتانه (هاڻي راجسٿان) ۾ خانزاده راجپوت قبيلي جي هڪ ڳوٺ ’نڪل گاؤن‘ ۾ جنم ورتو. جڏهن ته سندس تعليمي سرٽيفڪيٽ موجب پيدائش جي تاريخ ۽ سال 26 اپريل 1937ع ڏيکاريل آهي. هي خزانزاده راجپوتن جو سڀ کان وڏو ڳوٺ هو، جيڪي قديم وقت کان وٺي سپاهگيري ۽ زراعت جي پيشن سان لاڳاپيل هئا. سميع الوريءَ جو والد فوج ۾ ملازم هو، جيڪو پوءِ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ بي. ڊي ميمبر ٿيو ۽ لاڳيتو نوشهري فيروز ٽائون ڪميٽيءَ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو آيو. هڪ عرصي تائين ڊسٽرڪٽ آرمڊ سروس بورڊ ضلعي نوابشاهه جو ويلفيئر آفيسر به رهيو. 1966ع ۾ نوشهري فيروز ٽائون ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو.
ورهاڱي بعد خانزاده سميع الوري پنهنجي خاندان سان گڏ پهرين حيدرآباد سنڌ جي فوجي ڇانوڻيءَ ۾، پوءِ ڪراچي ڇانوڻيءَ ۾ رهيو. ان کان پوءِ کنڊو (ضلعي حيدرآباد) ۽ آخر ۾ نوشهري فيروز ۾ مستقل طور اچي قيام پذير ٿيو. خانزادي سميع الوريءَ جي شادي 16 سالن جي ڄمار ۾ ٿي، جنهنڪري سندس تعليم متاثر ٿي. ان بعد مائٽن کان علحدگي اختيار ڪرڻ کان پوءِ سندس زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آئي. هن جي تعليم مختصر هئي، ان ڪري پهرين نوشهري فيروز ميونسپالٽيءَ ۾ منشي ٿيو. ان کان پوءِ 1954ع ۾ تعليم کاتي ۾ ماستر طور ڀرتي ٿيو ۽ 41 سال نوڪري ڪرڻ بعد جولاءِ 1995ع ۾ هيڊماستر جي حيثيت ۾ اردو پرائمري
ماڊل اسڪول نوشهري فيروز مان رٽائر ٿيو. هن جي ڪوششن سان نوشهري فيروز جي اردو پرائمري اسڪول جي بلڊنگ منظور ٿي، جيڪو اڄ به ’اردو پرائمري ماڊل اسڪول‘ نالي سان هلي رهيو آهي. خانزادي سميع الوريءَ جو نوشهري فيروز جي سٺن استادن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس تعليمي شهرت ۽ فرض شناسيءَ سبب کيس 1972ع ۾ ضلعي نوابشاهه جي تعليمي ڪميٽيءَ جو ميمبر بنايو ويو. خانزادو سميع الوري 1960ع ۾ استادن جي تنظيم جميعة المدرسين ضلعي نوابشاهه جو صدر چونڊيو. 15 سال جميعة المدرسين سنڌ جو نائب صدر رهڻ کان پوءِ 1994ع ۾ صدر ٿيو. 1995ع ۾ کيس نوابشاهه ۾ تعليمي ڪانفرنس وقت تعليمي خدمتن تي مڃتا شيلڊ ڏني وئي. هن استادن جي تعليمي ۽ مالي مسئلن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن تعليمي مسئلن تي ڪيترا مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ تعليم بالغان جا ڪيترا سينٽر قائم ڪرايا. جڏهن سنڌ حڪومتتعليم بالغان‘ جا سينٽر قائم ڪيا، ته کيس انهن جو انچارج بنايو ويو.
هن 1950ع کان وٺي سماجي خدمتن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. تحريڪ انسانيت ڪراچيءَ جو تاحيات ميمبر، پاڪستان سوشل ائسوسيئيشن جو تاحيات ميمبر ۽ 1999ع کان P.S.A سنڌ جو چيئرمئن ٿيو. خانزادو صاحب شهري سماجي اتحاد ۽ سٽيزن ويلفيئر ائسوسيئيشن نوشهري فيروز جو ميمبر به رهيو. 1967ع ۾ ’خانزاده ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ قائم ڪيائين. 1974ع کان وٺي ’انجمن راجپوت پاڪستان‘ ۽ ’خانزاده راجپوت تاريخ ڪانفرنس‘ سان وابسته رهيو.
خانزادي سميع الوريءَ جي ادبي زندگي 1952ع کان شروع ٿي. سندس سنڌي توڙي اردو اديبن سان گهاٽا ناتا رهيا. سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ڪيترا ادبي ۽ تعليمي مضمون رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ڪرايائين. 1970ع کان صحافت جي ميدان ۾ گهِڙيو، مشرق، جسارت، نواءِ وقت، جنگ (اردو)، مهراڻ، عوامي آواز ۽ عبرت (سنڌي) اخبارن سان لاڳاپيل رهيو.
خانزادو سميع الوري، شاعر به هو. هو شاعريءَ ۾ جگر مرادآبادي، محسن ڀوپالي ۽ آفاق صديقيءَ کان متاثر هو. هن اردو توڙي سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪئي. نثر ۾ مٿس مولانا الطاف حسين حالي ۽ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جو اثر هو.
خانزادي سميع الوريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’اوراقِ دل‘ (شاعري)،(2) ’آثار قديمه‘ (ساهتي پرڳڻي جا قديم ماڳ)، (3) ’مخلوط تقديرنامي‘ (تنقيدي مضمون)، (4) ’تزئين ساهتي‘ (ساهتيءَ جا ماڳ مڪان)، (5) ’ميري پياري ڪتاب‘ (ٻاراڻا اردو نظم) شامل آهن. سندس شخصيت بابت پُٽس اسرارالحق خانزادي، هڪ ڪتاب ’خانزاده سميع الوري: شخصيت اور فن‘ لکيو آهي، جيڪو بزم روح رهاڻ ۽ بزم ادب نوشهري فيروز 03-2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ خانزادو سميع الوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو